يمن جي حوثين نار عدن ۾ برطانيا جي تيل بردار سامونڊي جهاز کي ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حوثين جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يمن تي آمريڪا ۽ برطانيا جي حملن جي جواب ۾ هنن نار عدن مان گذرندڙ برطانوي ڪمپني جي آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو.
حوثي ترجمان موجب ميزائيل نشاني تي لڳو ۽ آئل ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي.
برطانوي بچاءَ واري وزير آئل ٽينڪر تي حوثين جي حملي کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو ۽ غير قانوني قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان بحره احمر ۽ خطي ۾ جهازن جو تحفظ ڪريون اسان پنهنجي عزم تي هميشه جيان قائم آهيون.
رپورٽ موجب گاهه تي ضابطو آندو ويو آهي، ميزائيل جو نشانو بڻايل جهاز جو عملو محفوظ آهي.
متاثر ڪمپني جو چوڻ هو ته هنن جو جهاز محفوظ بندرگاهه ڏانهن وڃي رهيو آهي.
ٻي پاسي آمريڪا ۽ برطانيا يمن جي تيل برآمد ڪندڙ اهم ٽرمينل راس عيسيٰ جي بندرگاهه تي هوائي حملا ڪيا آهن.
You might also like