تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ڏکڻ لبنان تي زميني حملو ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي.
اسرائيل مان سامهون آيل رپورٽن موجب يهودي فوج اسرائيل ۽ لبنان سرحد ڏانهن رسد جي وڏي پئماني تي چُرپُر ڪري رهي آهي، ٻئي مرحلي ۾ اسرائيل ۽ حزب الله جي جنگ ٿيندي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام ٿي ويون ته اسرائيل ڏکڻ لبنان تي حملو ڪندو ۽ حزب الله کي ليطاني درياهه کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
رپورٽ موجب حزب الله هڪ مهينو اڳو جنگ بندي رد ڪري ڇڏي هئي ۽ باقاعدگي سان اتر اسرائيل ۾ يهودي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائي رهي آهي.
You might also like