لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني گلوڪار بلال سعيد پنجاب گروپ آف ڪاليجز جي يوٿ فيسٽيول ۾ پنهنجي پرفارمنس دوران هڪ مداح کي مائي وهائي ڪڍي ۽ اسٽيج تان لهي ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته بلال سعيد گيت ڳائيندي اوچتو ڪاوڙ ۾ اچي هڪ مداح کي نشانو بڻائي کيس مائيڪ وهائي ڪڍي ٿو.
View this post on Instagram
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته مائيڪ مداح کي لڳڻ بعد هيٺ ڪري پو ٿي جنهن کان پوءِ بلاول سعيد اسٽيج تان هيٺ لهي هليو وڃي ٿو.
بلال سعيد ان واقعي تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو پر سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سندس حامين ۽ مخالفن ۾ ڄڻ جنگ شروع ٿي وئي آهي.