اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ جو وڏو نقصان، بابر ۽ رضوان جي ڪارڪردگي سڄي ٽيم تي حاوي

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ اوپننگ جوڙي پنهنجي ڪارڪردگي سان جيڪي ڪارناما انجام ڏنا، سڄي دنيا ان جي تعريف ڪرڻ تي مجبور رهي.
محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ گڏجي اوپننگ ڪندي جتي رنسن جا ڍير لڳايا، اتي ئي ٽيم کي ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون به ڏياريون ۽ ٻنهي جي جوڙي کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ دنيا جي بهترين جوڙي قرار ڏنو ويو.
تازو نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ جتي بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽائي واڳون شاهين آفريدي حوالي ڪيون ويون، اتي ئي ٽيم مئنيجمينٽ ڪجهه تجربا به ڪيا، جنهن ۾ هڪ تجربو بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي کي ٽوڙڻ جو هو، جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪتا.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ محمد رضوان کي اوپنر برقرار رکيو ويو پر بابر اعظم کي ون ڊائون پوزيشن ڏني وئي، نتيجي ۾ ڪيوي ٽيم پاڪستان خلاف سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪئي.
بابر ۽ رضوان جي اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ تي ٽيم انتظاميا تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان ان فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جن جو مڃڻ آهي ته اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ سان ٽيم کي نقصان ٿيو.
هاڻ جيڪڏهن انگن اکرن تي نظر وجههي ته نيوزيلينڊ هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بدترين شڪست ۽ اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ تي شوقينن جي ڪاوڙ جائز نظر ايندي.
2021 کان وٺي بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ڇڏي پاڪستان جي سڀني ٽي ٽوئنٽي بيٽرن رڳو 15.98 جي ايوريج سان ڪُل 5 هزار 163 رنسون ٺاهيون ۽ انهن جو اسٽرائيڪ ريٽ 111 هو، هنن ڪا سينچري اسڪور نه ڪئي، رڳو 15 ففٽيون هنيون.
ان جي ڀيٽ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان ان عرصي ۾ گڏجي 4 هزار 525 رنسون ٺاهيون، سندن ايوريج 45.25 ۽ اسٽرائيڪ ريٽ 130 رهيو، ان جوڙي 4 سينچريون ۽ 41 ففٽيون اسڪور ڪيون، هڪ ڊبل سينچري اسٽينڊ به قائم ڪيو، ان عرصي ۾ تقريبن ٽيم جو 47 سيڪڙو اسڪور رڳو انهن ٻنهي گڏجي ٺاهيو.
بابر اعظم ۽ محمد رضوان گڏجي 433 چوڪا هنيا، جڏهن ته سڄي ٽيم 382 چوڪا هنيا، ان ڪارڪردگي مان واضح آهي ته ٽيم جي بيٽنگ لائن جي طاقت سندن جوڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.