راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي مدد نه ڪنداسين.
عدالتي ڪمري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته مان پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃي، عوام جنهن کي چاهي ان کي آڻي.
هن چيو ته 9 مئي جو الزام اسان تي هنيو ويو پر اسان ڪو قانون نه ٽوڙيو، جڏهن مون کي گوليون لڳيون تڏهن به ڪو احتجاج نه ٿيو هو.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي مدد نه ڪنداسين، هو مدد انهن کان گهري، جن سان گڏجي حڪومت ڪيائين، اهي اڄ هڪٻئي جا مخالف ٿي ويا آهن پر اندران هڪ ئي آهن.
Prev Post
You might also like