فخز زمان پاران آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي قائم

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر فخر زمان آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ اڪيڊمي قائم ڪري ڇڏي.
ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي افتتاح جي موقعي تي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته اڪيڊمي ۾ عمر جا ڪا به حد ناهي رکي وئي، اڪيڊمي جو مقصد رانديگرن جي بنيادي شين تي ڪم ڪري ٽيمون تيار ڪرڻ آهي.
ان کانسواءِ آسٽريليا، دبئي ۽ پاڪستان مان اڪيڊمي جون ٽيمون هڪٻئي جا دورا ڪنديون.
قومي ڪرڪيٽر چيو ته هو پاڪستان ۾ ٻه اڪيڊميز قائم ڪري چڪو آهي، وڌيڪ هڪ تي ڪم جاري آهي، اڪيڊمي ۾ اسڪالرشپ تي به رانديگرن رکيو ويو آهي.
فخر زمان چيو ته هن ڪرڪيٽ لاءِ ڏاڍين ڏکيائين جو منهن ڏٺو آهي، سندس ڪوشش آهي ته اهڙي مشڪل دورو مان نه گذري.
ياد رهي ته فخر زمان نيوزيلينڊ جو دورو مڪمل ٿيڻ تي آسٽريليا واپس موٽي آيو هو جتي کيس پنهنجي اڪيڊمي جي سلسلي ۾ ترسڻو پيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.