ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي موقعو مليو ته لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي ضمانت ضبط ڪرائينداسين.
صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان سٺا ناهيون پر بُرن کان گهٽ بُرا آهيون، اڄ جيڪڏهن ڪراچي ۾ امن آهي ته ان لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اسان ڪراچي ۾ امن لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي.
هن چيو ته پ پ 15 سالن جي ڪارڪردگي سان اسان جي پوزيشن مضبوط ڪئي، 15 سالن جي حڪومت کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري هڪ يوسي جو مثال نٿو ڏئي سگهي.
You might also like