ڪوٽ لالو: عورت سان اجتماعي زيادتي ۽ سيخ گرم ڪري انسانيت لڄائيندڙ تشدد

ڪوٽ لالو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ لالو ويجهو ڳوٺ مٺو اسلامي ۾ 4 جوابدارن شادي شده عورت کي اغوا ڪري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته سيخ گرم ڪري جسم تي ڏنڀ به ڏنا ويا.

جوابدارن پاران عورت جو مٿو ڪوڙي تذليل به ڪئي وئي.

ذريعن موجب ريحانا خاتون واقعي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته 20 ڏينهن اڳ جوابدارن عاصم، انصاف، راشد ۽ ڪاشف گهر ۾ گهڙي اغوا ڪيو ۽ ويران جاءِ تي قيد ڪري ڇڏيو جنهن دوران ساڻس زيادتي ۽ تشدد جو واقعو پيش آيو.

ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻن جوابدارن انصاف ۽ عاصم اسلامي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.