ننگر پارڪر (ويب ڊيسڪ) ننگرپارڪر لڳ سمت ويجهو وڌيڪ ٻن ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار ڪيو ويو.
شڪارين بندوق جا فائر ڪري ٻن چڻڪارا هرڻن کي ماري وڌو.
ذريعن موجب فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت شڪارين جو پيڇو ڪيو جڏهن ته شڪاري هرڻن سميت فرار ٿي ويا.