لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ عوام لاءِ سوچي ٿي، ٻيا رڳو نعرن جي سياست ڪري رهيا آهن.
لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻنداسين، غريب، مزدور لاءِ مفت علاج جي سهولت ڏينداسين.
هن چيو ته عوام جي تڪليف اسان جي تڪليف آهي، اسان عوام سان گڏ بيٺا هئاسين ۽ بيٺا رهنداسين، بلاول ڀٽو کي اقتدار مليو ته سڀني کي ڇت ملندي، پ پ توهان جي پگهار ٻيڻي ڪندي.
سندس چوڻ هو پ پ کي ووٽ ڏيو ته جيئن بلاول توهان جي حقن لاءِ وڙهي سگهي، ملڪ جي طاقت عوام سان آهي، اسان گڏجي پاڪستان ٺاهينداسين.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته سڄي ملڪ جا ماڻهو سنڌ مان علاج ڪرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺهي رهيا آهن، رڳو پ پ غريبن جو سوچي ٿي.
You might also like