عدليه تي اثرانداز نه ٿيس، ڪڏهن نه چيو ته ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي:جنرل فيض حميد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد سپريم ڪورٽ ۾ شوڪت عزيز صديقي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن شوڪت عزيز صديقي جي سڀني الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  جنرل (ر) فيض حميد جمع ڪرايل جواب ۾ عدليا تي اثرانداز ٿيڻ جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته شوڪت عزيز صديقي سان ڪڏهن رابطو نه ڪيو، ان سان مليس نه ئي نواز شريف جي اپيلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته شوڪت عزيز صديقي پنهنجي تقرير ۽ جڊيشل ڪائونسل سامهون ڪنهن مبينا ملاقات جو ذڪر نه ڪيو. فيض حميد موجب هن ڪڏهن به نه چيو ته اسان جي ٻن سال جي محنت ضايع ٿي ويندي، شوڪت عزيز صديقي جا سمورا الزام بي بنياد آهن ۽ پوءِ ايندڙ خيالن جهڙا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.