ڄامشورو: ڦر مزاحمت تي ڊرائيور قتل، ٽرانسپورٽرن جو ڌرڻو

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو.

ٽول پلازه ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي هٿياربندن ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

مزاحمت تي هٿياربندن ٽرالر ڊرائيور پنجاب واسي اعجاز پٽ يوسف کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ ٽرانسپورٽرن مقتول ڊرائيور اعجاز جو لاش رکي ايم نائن موٽر وي تي ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي دوران ايس ايس پي ڄامشورو پهچي ٽرانسپورٽرن کي انصاف جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.