ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ايران ڇڪتاڻ کي ڏسندي پي آءِ اي سميت سڀني پاڪستاني ايئر لائنز کي ايراني فضائي حدون استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب يورپ، وچ ايشيا مان ايندڙ ايئر لائنز کي مسقط روٽ کان پاڪستان داخل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي ۽ سعودي عرب کان ايندڙ اڏامن کي به ايراني فضائي حدن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like