ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي اسپتال ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بلوچستان جي تخت گاهه ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي اسپتال ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ۽ ريسڪيو ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب زخمين کي اسپتال نيو ويو آهي، زخمين ۾ 3 ٻار به شامل آهن.
Prev Post
You might also like