اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسپيس پاليسي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي، اسپيس پاليسي سان ڪمپنيون پاڪستاني واهپيدارن کي ڪٿي به انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهنديون.
نيشنل اسپيس پاليسي تحت اسپيس رولز جي تياري جاري آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت اسپيس رولز لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
اسپارڪو، پي ٽي اي، آءِ ٽي وزارت، سائنس واري وزارت ۽ پيمرا سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي، آءِ ٽي بابت نگران وزير عمر سيف چيو ته سيٽلائٽ ٽيڪنالاجي سان ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ نئين جدت آئي آهي.
هن چيو ته اسپيس پاليسي تحت پرائيويٽ ڪمپنيون به سروسز ڏئي سگهنديون، اسپيس پاليسي سان ڪمپنيون پاڪستاني واهپيدارن کي ڪٿي به انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهنديون.
Prev Post
You might also like