شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد، جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل روانو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي پوليس گذريل ڏينهن 9 مئي واقعن ۾ ضمانت خارج ٿيڻ تي گرفتار ڪيو هو، جنهن کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته ان دوران وڪيل شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.
وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پوليس شيخ رشيد جي مختلف جلسن جا بيان هلايا، پوليس طرفان هلايل بيان ڌرڻي ۽ گوجرانوالا جلسي جا هئا، پوليس طرفان هلايل ڪو بيان 9 مئي جو ناهي.
عدالت وڪيل جي دليلن ۽ جاچ آفيسر جي بيان کانپوءِ پوليس جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.