پ پ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو وزير ايم ڪيو ايم ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو وزير عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويو.
عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال سان گڏجي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي عرفان گل مگسي چيو ته منهنجو واسطو پ پ سان رهيو آهي ۽ مان صوبائي وزير به رهيو آهيان، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو.
مصطفيٰ ڪمال ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو اڄ پنجاب کي فتح ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي، هو لاهور ۾ اهو نٿو چئي سگهي ته لاهور کي ڪراچي بڻائينداسين، جن جي ڪا ڪارڪردگي ناهي، اهي وزيراعظم بڻجڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.