”جن شهرين جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي، انهن کي هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته جن شهرين جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي، انهن کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته جي آءِ ٽيز اجلاس ۽ جاچ ۾ ٻنهي شهرين جي گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي، ان تي عدالت سوال ڪيو ته شهري ايتري عرصي کان گم آهن ڪجهه ته ڪيو، جاچ ۾ ڇا سامهون آيو؟
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حافظ فرحان قادري اڳ به گم ٿيو هو ۽ 2020 ۾ ٻيهر گم ٿي ويو، ان حوالي سان مدينه ڪالوني ٿاڻي ۾ ٻه ڪيس داخل آهن، عدالت مفرور قرار ڏنو آهي.
جسٽس نعمت الله چيو ته ڪجهه به ٿئي، گم ٿيل شهرين کي هاڻ عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو.
عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهرين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جن شهرين جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي، انهن کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.