”حڪومت ۾ آياسين ته 10 سالن جي صحت ۽ تعليمي ايمرجنسي لڳائينداسين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ ايمرجنسي لڳائينداسين.
ايم ڪيو ايم طرفان اين اي 242 تان اميدوار مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ملڪ جي آئين ۾ بنيادي تبديلي ۽ 3 ترميمون چاهيون ٿا ۽ اها اسان جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي، آئيني ترميمون ٿينديون ته اختيار هيٺين سطح تي ايندا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم وزارت عظميٰ لاءِ ڪنهن جي به حمايت ڪري سگهي ٿي، وزيراعظم بڻجڻ لاءِ رڳو انهن کي ووٽ ڏينداسين، جيڪي آئيني ترميمون ڪرائيندا ۽ جيڪڏهن اقتدار ۾ آياسين ته آئيني ترميم ذريعي ملڪ ۾ 10 سالن لاءِ صحت ۽ تعليمي ايمرجنسي لڳائينداسين.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي پاڪستان جي روينيو انجڻ آهي، جيڪا تباهه ٿي رهي آهي، اسان جي منشور کي ماڻهن ڏٺو ۽ ساراهيو آهي، ڇو ته اسان جو منشور عوام جي بهتري لاءِ آهي ۽ ان ۾ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ آئيني ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.