لاهور ۾ عورت هڪ ئي وقت 4 ڌيئرن کي جنم ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي جنرل اسپتال ۾ 30 ورهين جي عورت 4 ڌيئرن کي جنم ڏنو آهي.
جنرل اسپتال انتظاميا موجب عورت کي ڄاول 4 مان 3 ڌيئرون مڪمل صحتمند آهن.
انتظاميا ٻڌايو ته ٻن ڌيئرن جو وزن 2.2 ڪلو، ٽين جو 2 ڪلو ۽ چوٿين جو وزن 1.4 ڪلو آهي.
اسپتال انتظاميا موجب 1.4 ڪلو وزن واري ٻارڙي ڪمزور هجڻ سبب نرسري ۾ داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.