سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 600 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 17 هزار 300 رپيا ٿي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 514 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 86 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر گهٽجڻ سان ٻه هزار 47 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.