ميرپور ساڪرو (ويب ڊيسڪ) ميرپورساڪرو ويجهو جنگيسر ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا.
ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو رحمت الله ٿڌي تي مارجي ويو جڏهن ته حنيف ٽانڊيو رڪاچي اسپتال نيئيندي دم ڏنو.
جهيڙي دوران ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿيا جنهن بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.