اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ناڪامي کانپوءِ ”هم عوام پاڪستان پارٽي“ بيٽ جو چونڊ نشان گهري ورتو.
ذريعن موجب هم عوام پاڪستان پارٽي اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ ٻي درخواست جمع ڪرائي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بيٽ جي نشان بابت اسان جي درخواست دير جو شڪار آهي، اليڪشن ڪميشن هاڻ اسان کي بيٽ جو نشان الاٽ ڪري.
درخواست موجب 28 ڊسمبر تي اسان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ته بيٽ جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ هاڻ ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي.
You might also like