ڪراچي جا شهري خبردار، بنا نمبر پليٽ جي موٽر سائيڪل ضبط ٿي ويندي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ پوليس ڪراچي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته شهر ۾ 22 جنوري کانپوءِ موٽر سائيڪلن جي اڳيان يا پويان نمبر پليٽ نه هجڻ جي صورت ۾ چالان نه ٿيندو پر موٽر سائيڪل کي ضبط ڪئي ويندي.
ڪراچي ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ موٽر سائيڪل سوار شهرين لاءِ ٽريفڪ پوليس هڪ ٻي مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت موٽر سائيڪل جي اڳيان يا پويان نمبر پليٽ نه هجڻ تي ايندڙ 8 ڏينهن ۾ 520 رپين جو چالان ڀرڻو پوندو.
فيصلي موجب 8 ڏينهن کانپوءِ معنيٰ 22 جنوري کان نمبر پليٽ نه هجڻ تي ٽريفڪ پوليس موٽر سائيڪل ضبط ڪندي ۽ نمبر پليٽ آڻي لڳائڻ تائين موٽر سائيڪل واپس نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.