ڪراچي: شهري جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ ٻه پوليس اهلڪار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ شهري جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي سي آءِ اي موجب پوليس اهلڪارن ٻين ساٿين سان گڏ منگهي پير مان شهري کي اغوا ڪيو هو.
هن ٻڌايو ته جمعي تي منگهي پير مان شهري جو لاش مليو هو، جنهن جي سڃاڻپ نظام الدين جي نالي سان ٿي هئي.
سندس چوڻ هو ته شهري جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.