افتخار احمد ”چاچو“ چوڻ تي مداح تي ڪاوڙجي پيو

هيملٽن (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد ”چاچو“ چوڻ تي مداح تي ڪاوڙجي پيو.
نيوزيلينڊ خلاف ميچ دوران بائونڊري لائن تي هڪ فين طرفان چاچو چوڻ تي افتخار احمد ڪاوڙ ۾ اچي ويو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ افتخار احمد کي مداح کي چُپ رهڻ جا لفظ چوندي ٻڌي سگهجي ٿو، مداح چيو ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي، جنهن تي بيٽر چيو ته چُپ رهو.
سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي مداح مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.