اتر ڪوريا ميدان ۾ اچي ويو، آمريڪا روس تي پابندي هڻي ڇڏي

پيانگ يانگ، ماسڪو (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اتر ڪوريا جي بئلسٽڪ ميزائل جي تجربي ۽ انهن ميزائلن جي مبينا روس منتقلي ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي ٽن روسي ڪمپنين تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اتر ڪوريا جي بين البراعظمي ميزائل تجربي ۽ انهن ميزائلن جي منتقلي ۾ مبينا طور تي ٽن روسي ادارن ڪردار ادا ڪيو جنهن جي جواب ۾ آمريڪا انهن ادارن ۽ هڪ شخص تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.

آمريڪا الزام لڳايو آهي ته روس اتر ڪوريا جي بئلسٽڪ ميزائلن کي يوڪرين جي خلاف جنگ ۾ استعمال ڪرڻ چاهي پيو.

آمريڪا پاران روسي ادارن جي خلاف پابندين جو اعلان واشنگٽن ۽ ان جي اتحادي ملڪن پاران اتر ڪوريا ۽ روس وچ ۾ هٿيارن جي ڏي وٺ تي تنقيد کان پوءِ سامهون آيو آهي.

آمريڪا روس پاران اتر ڪوريا جي بئلسٽڪ ميزائلن حاصل ڪرڻ جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي ميزائل يوڪرين جي خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ 30 ڊسمبر ۽ 2 جنوري تي لڳايا ويا آهن.

آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ (پرڏيهي وزير) انتوني بلنڪن خميس جي ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اتر ڪوريا پاران روس کي بئلستڪ مزائلن جي فراهمي سان روس جي عسڪري جارحيت کي هٿي ملندي، ان قدم سان يوڪريني عوام جي مصيبتن ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان ائٽمي هٿيارن جي نه پکڙجڻ جي معاهدن جي به ڀڃڪڙي هوندي.

انتوني بلنڪن روس کي تنبيهه ڪندي چيو ته اسان ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻي کان به پاسو نه ڪنداسين.

واضح رهي ته فيبروري 2022ع ۾ يوڪرين خلاف جنگ جي شروعات کان پوءِ روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن پر ٻنهي ملڪن پاران هٿيارن جي خريد ۽ وڪري جي معاهدن کان انڪار ڪيو ويو آهي.

سيپٽمبر ۾ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪِم جونگ اُن روسي صدر ولاديمير پيوتن سان ملاقات ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح روسي اختياريون به پيانگ يانگ جو دورو ڪري چڪيون آهن.

گذريل هفتي وائيٽ هائوس جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته روس يوڪرين جي خلاف اتر ڪوريا جا فراهم ڪيل مختصر مار ڪندڙ بئلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.