پلاسٽڪ جي بوتلن وارو پاڻي نه پيئو! ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ ڀريل پاڻي پلاسٽڪ جي لکين زهريلن خوردبيني ذرڙن سان گدلو هوندو آهي.
پلاسٽڪ جي بوتل سان پاڻي پيئڻ جو مطلب آهي ته پنهنجي جسم کي پلاسٽڪ جي سنهڙن ذرڙن سان گدلو ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان سائنسدانن کي ڳڻتي آهي ته اهي ذرڙا اسان جي جسم ۾ گڏ ٿي صحت تي اڻڄاتل نتيجا وجهي سگھن ٿا.
ماضي جي مطالعن ۾ نينو پلاسٽڪ جو واسطو اڳ ئي ڪينسر، بي اولادي ۽ پيدائشي نقصن سان ٻڌايو ويو آهي.
هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ سائنسدانن جديد ليزر اسڪيننگ ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪندي هڪ ليٽر پاڻي جي بوتل ۾ سراسري طور تي 2 لک 40 هزار پلاسٽڪ جي ذرڙن جو مشاهدو ڪيو آهي جڏهن ته اوتري ئي مقدار ۾ نلڪي يا ٽينڪ جي پاڻيءَ ۾ اهڙن ذرڙن جو سراسري طور انگ 5 ڏهائي 5 هو.
يونيورسٽي آف ڪولمبيا جي محققن آمريڪا ۾ وڪرو ٿيندڙ ٽن وڏين برانڊز جي پاڻي جي بوتلن جو جائزو ورتو ۽ ليزر جو استعمال ڪندي اهو ڏٺو ته پاڻي سان ڀريل بوتلن ۾ 100 نينو ميٽر (نينو ميٽر سائز جا پلاسٽڪ ذرڙا مائڪروميٽر پلاسٽڪ کان به ننڍا هوندا آهن) سائز تائين جا ڪيترا پلاسٽڪ جا ذرڙا موجود هوندا آهن.
سائنسدانن پاران انهن ذرڙن کي امڪاني طور تي زهريلو قرار ڏنو ويو آهي ڇو جو اهي ايترا سنهڙا هوندا آهن جو اهي سڌي ريت رت جي جيوگھرڙن ۽ دماغ ۾ داخل ٿي سگھن ٿا.
اهي خوردبيني ذرڙا فيٿيليٽس رکندڙ هوندا آهن. اهي ڪيميلز جسم ۾ هارمون جي پيداوار ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ سڃاتا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.