پي ٽي آءِ باني لاهور کانپوءِ ميانوالي مان به چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل لاهور کانپوءِ ميانوالي مان به پي ٽي آءِ باني کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني جا اين اي 89 ميانوالي مان رٽرننگ آفيسر نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا، جنهن خلاف هن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بئنچ جي اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس چوڌري افضل پي ٽي آءِ باني جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر دليل ڏنا هئا، جڏهن ته ٽربيونل 7 جنوري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
اليڪشن ٽربيونل اڄ فيصلو ٻڌائيندي آر او جو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرر رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.