لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان، محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ تي پنهنجو ردعمل ڏنو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد رضوان کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي، جنهن تي شاداب خان کيس واڌايون ڏنيون آهن.
شاداب خان ايڪس تي لکيو ته مون کي يقين آهي ته توهان شاهين آفريدي جا بهترين نائب هوندا، منهنجون نيڪ خواهشون توهان سڀني سان گڏ آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ شاداب خان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان هو.
Prev Post
You might also like