محمد رضوان قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
محمد رضوان نيوزيلينڊ خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ نائب ڪپتان طور فرض انجام ڏيندو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 12 جنوري کان شروع ٿيندي، آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏندڙ قومي ٽيم جا رانديگر نيوزيلينڊ پهچي ويا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ شاداب خان قومي ٽيم جو نائب ڪپتان هو ۽ بابر اعظم جي جاءِ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.