قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ هڪ قديم مقبرو دريافت ڪيو ويو آهي جنهن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اُهو ساڍا چار هزار سال پراڻو آهي.
مصري ۽ جاپاني قديم آثارن جي ماهرن سقارا جي علائقي ۾ ان مقبري کي دريافت ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي نوادرات به موجود هئا.
مصري سياحت واري وزارت پاران مقبري جي دريافت جي تصديق ڪئي وئي آهي.
مصري سياحت واري وزارت موجب مصري ۽ جاپاني ماهرن جي ٽيم مصر جي ٻي بادشاهت جي دور جو هڪ مقبرو دريافت ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي تاريخي نوادرات ۽ قبرون موجود آهن.
ان هنڌ تان هڪ قبر مان انساني باقيات سان گڏ رنگين ماسڪ به مليو آهي جڏهن ته هڪ قبر ننڍي ٻار جي آهي.
ماهرن جو اندازو آهي ته اهو مقبرو 2649 کان 2150 قبل مسيح وچ ۾ تعمير ٿيو هوندو.
اُتان ملندڙ نوادرات ۾ هڪ تابوت به شامل آهي جيڪو مصر جي 18 هين بادشاهت (1550-1295 قبل مسيح) سان واسطو رکي ٿو.
اُتان قديم مصري ديوتائن جا ٻه مجسما ۽ ٻي نوادرات به ملي آهي.
جاپاني ماهرن جو چوڻ هو ته ان دريافت سان خطي جي تاريخ بابت اهم تفصيل ڄاڻڻ جو موقعو ملندو.
Prev Post
You might also like