اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته دي اڪنامسٽ ۾ عمران خان مضمون نه لکيو پر اهو گهوسٽ آرٽيڪل آهي، جنهن بابت دي اڪنامسٽ کان جواب طلب ڪنداسين.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته گهوسٽ مضمون ۾ پاڪستاني ادارن خلاف بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي وئي آهي، اها دي اڪنامسٽ کي لکي رهيا آهيون ته توهان بنا تحقيق جي گهوسٽ مضمون ڇاپي ڇڏيو، اسان جي اطلاعن موجب اهو مضمون عمران خان نه لکيو.،
هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي آهي، اسان انفرادي ڪيسن ڏانهن نه وينداسين پر ڄاڻ جي روشني ۾ پنهنجي فائنڊنگز ڏينداسين ۽ اڳتي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي به ڏينداسين.
Prev Post
Next Post
You might also like