سال جو پهريون ون پلس ايس ٿري متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ون پلس سال 2024ع جو پهريون فون ون پلس ايس ٿري متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ون پلس ايس ٿري کي اوپو جي ٺهيل آپريٽنگ سسٽم ڪلرز او ايس 14 سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو گوگل جي اينڊرائيڊ 14 جيان ڪم ڪندو .
7-6 انچ اسڪرين وارو ون پلس ايس ٿري فون ٽن بيڪ ڪيمرائن ۽ هڪ سنگل سيلفي ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ون پلس ايس ٿري جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا جڏهن ته بيڪ تي 3 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50، ٻي 8 ۽ ٽين ٻه ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.
فون کي 12 ۽ 16 جي بي ريم جڏهن ته 256 ۽ 512 جي بي ميموري جي ماڊيولز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته فون ۾ سنيپ ڊريگن جي چِپ ڏني وئي آهي.
پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ سئو واٽ جي فاسٽ جارچر واري فون بابت ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته اهو رڳو 27 منٽن ۾ زيرو کان سئو سيڪڙو تائين چارج ٿيندو.
فون کي ابتدائي طور تي رڳو چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن جلد ئي ان کي پاڪستان سميت خطي جي ٻين ملڪ ۾ به پيش ڪيو ويندو.
فون جي 12 جي بي ماڊيول جي قيمت پاڪستاني هڪ لک رُپين تائين جڏهن ته 16 جي بي ماڊيول جي قيمت پاڪستاني هڪ لک ٽيهه هزار رُپين تائين رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.