پي ٽي آءِ جي مقبول تراني جو خالق عاصم ”تنها“ خانداني جهيڙي ۾ قتل

ڀڪر (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف لاءِ مقبول ترانو ”هم ڪوئي غلام تو نهين“ لکندڙ ماجد خان المعروف عاصم تنها ذاتي جهيڙي ۾ مارجي ويو.
ڀڪر ضلعي جي ڪلورڪوٽ جي علائقي ڊيلي نامدار ۾ معمولي ڏند چڪ تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران سميع الله نالي جوان ماجد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
چاندني چوڪ تي پيش آيل واقعي جي جواب ۾ ماجد عرف عاصم تنها جي ڀاءُ ساجد وري سميع الله کي قتل ڪيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته سميع الله، ماجد جو ويجهو مائٽ هو ۽ خانداني جهيڙي سبب ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي هئي.
پوليس شروعاتي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ فرار ٿيندڙ عاصم تنها جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
عاصم تنها سرائيڪي، پنجابي ۽ اردو جو شاعر ۽ گيت نگار هو، سندس پي ٽي آءِ لاءِ لکيل تراني ”هم ڪوئي غلام تو نهين“ کي سٺي موٽ ملي، هن ان ئي عنوان سان گيتن تي ٻڌل ڪتاب به لکيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.