” رابي پيرزادي کي شادي مبارڪ“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي ڳائڻي ۽ سماجي ڪارڪن رابي پيرزادي جي نئين سوشل ميڊيا پوسٽ کانپوءِ سندس شاديءَ جي حوالي سان اڳڪٿيون شروع ٿي ويون آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي رابي پيرزادي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ کيس اڇي رنگ جو لباس ۽ هٿن ۾  گلن جو هار آهي. جڏهن ته هن تصوير جي ڪيپشن ۾ ” الحمد الله “ لکيو آهي.

رابي پيرزاداي جي اِها تصوير سوشل ميديا پليٽ فارم تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ڪيئي سوالن کي جنم ڏنو آهي  ۽ سندس شادي بابت اڳڪٿيون ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس مبارڪون پڻ ڏئي رهيا آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به هن انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ  هڪ شخص جو هٿ پڪڙيون ويٺي هئي، هن تصوير شيئر ڪندي ڪجهه شعر پڻ لکيا هئا. پر تصوير جي اصل حقيقت ڇا هئي ان بابت اداڪارا پاران ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.