عوام کي چونڊن کان پري رکڻ غير آئيني آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته سڄي قوم چونڊن جو انتظار ڪري رهي آهي، جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي.
ڪراچي ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته دهشتگردي، زلزلي، ٻوڏ باوجود چونڊون ٿيون آهن، پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال ٺهي رهي آهي، ان تي افسوس جو اظهار ڪري سگهجي ٿو.
هن چيو ته چونڊون معطل نه ٿينديون، عوام کي چونڊن کان پري رکڻ غير آئيني آهي، چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.