پاڪستان ۾ وري زلزلو، الرٽ جاري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ان جي ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جا لوڏا 11 لڳي 9 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 4.6 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز 98 ڪلو ميٽر زمين هيٺ ڪوه هندوڪش افغانستان هو.
زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ اهي ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا.
صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جو چوڻ آهي ته ٽيمن ۽ ڪنٽرول روم کي فوري طور الرٽ ڪيو ويو.
پي ايم ڊي اي ٻڌايو ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.