ذوالفقار ڀٽو ريفرنس، پ پ سپريم ڪورٽ ۾ لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جي سزا تي صدارتي ريفرنس جي معاملي تي لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ لکت جواب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان فاروق ايڇ نائيڪ جمع ڪرايو.
پ پ جي لکت جواب ۾ مختلف ڪتابن جا حوالا ڏنا ويا آهن ۽ جواب ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو جا تفصيل به شامل آهن.
پ پ نسيم حسن شاهه جي انٽرويو جي يو ايس بي ۽ سي ڊي به جمع ڪرائي آهي، جڏهن ته انٽرويو جو انگريزي ۽ اردو ٽرانسڪرپٽ به جمع ڪرايو ويو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ 9 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.