انور پيرزادو نوجوانن لاءِ اتساهه، سندس تحقيقي پورهئي جي ادارا مالڪي ڪن:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن چيو آهي ته انور پيرزادي جي شاعري سميت سندس  ادبي ڪمن کي ڪتابي شڪل ڏيڻ يا ان تي وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ سرڪاري  ادارن توڙي يونيورسٽين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اهو انهن جو بنيادي ڪم آهي. اهڙو اظهار ڪالهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ دانشور انور پيرزادي جي ياد ۾ ٿيل تقريب کي مقررن خطاب ڪندي ڪيو، صدارتي خطاب ڪندي سياستدان، تعليمدان ۽ اديب مهتاب اڪبر راشدي چيو ته انور  پيرزادو جنهن به فيلڊ ۾ ڪم ڪيو ڪمال جو ڪم ڪيو آهي، انور پيرزادي جا ڪتاب رڳو سندس اولاد نه ڇپائي، ڪلچرل کاتي کي پرپوزل ٺاهي ڏنو وڃي، اهو ڇپائي اهو ان جو ڪم آهي، سرڪاري ادارا توڙي تعليمي ادارن کي گهرجي ته هو نوجوانن کي انور  جي ڪم کان آگاهه ڪن، هن چيو ته سرڪار وٽ ته هاڻي لکن ڪروڙن ۾ نه ان کان به وڏي رقم آهي، ڪلچر کاتو ڪتاب ڇپائي سگهي ٿو، پر سرڪار وارا بجيٽ سان ڇا ٿا ڪن اها سڀ خبر آهي، هن چيو ته انور پيرزادي ڏکئي وقت ۾ وڏو ڪم ڪيو جڏهن سهولتون نه هيون، هاڻي جي نوجوان وٽ وڌيڪ سهولتون ۽ ٽئلنٽ آهي، ان کي دڳ ڏيڻا پوندا، هن چيو ته ٻارن کي گهرن ۾ سنڌي سيکاريو، اردو ۽ انگريزي پاڻ سکي ويندا، پنهنجي ٻولي جي پاڻ عزت ڪرايو، ٻوليون سڀ ڀليون آهن، انهن ۾ پيار ۽ پنهنجائپ آهي، هن چيو ته مرد ۽ عورت کي برابري جي بنياد تي اڳتي وڌڻو آهي، عورت کي انساني حق  ڏنا وڃن، شاعر ۽ اديب محمد علي پٺاڻ چيو ته انور پيرزادي ان دور جي وڏي شاعري شيخ اياز جي موجودگي ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو، سندس ڪليات شايع ٿيڻ گهرجي، ان جي خرچ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي.  ناليواري شآعر شيخ اياز جي پٽ مونس اياز چيو ته پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ ۾ ترقي جو بنياد وڌو. براڊ ڪاسٽر نثار ميمڻ چيو ته انور سکڻ سان گڏ سيکاريندو به هو، ان کان اسان به گهڻو ڪجهه سکيو، سندس آواز ۾ به جادو هو، سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته عورتن جي اڳتي اچڻ کانسواءِ معاشرو ترقي نه ڪندو، عورتون سياست سان گڏ هاڻي ڪاروبار به ڪري رهيون آهن، اهو ئي ترقي جو اهڃاڻ آهي. هن چيو ته انور پيرزادو شاعر ۽ اديب کانسواءِ هڪ سياستدان به هو، هن جيل ۾ ڄام ساقي سان گڏجي اسان سڀني جي تربيت ڪئي. سماجي ورڪر ۽ اديب زبيده برواڻي چيو ته سنڌي عورتن کي انور پيرزادو جهڙا سپورٽر گهرجن، جيڪي عورتن تي ٽرسٽ ڪن ۽ جرئت مند هجن.  سينيئر صحافي رزاق سروهي چيو ته انور پيرزادو سان عوامي آواز ۾ گڏ ڪم ڪيو، هو يونيورسٽي جو درجو رکندو هو، جيڪو نوجوانن کي ڪم لاءِ اتساهيندو هو. ليکڪ ڪهاڻيڪار طارق قريشي چيو ته سنڌ جي ترقي واري راهه کي اجاڳر ڪندڙ انور پيرزادي جو ڪتاب اچڻ گهرجي، هو ڀٽائي جو عاشق ۽ سنڌ جو وفادار هو. ان موقعي تي شازيا ڪريم ۽ زيد پيرزادي شآعري به پيش ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.