ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: اويس حيدر شورو ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي ترقي خوشحالي لاءِ سنڌي عوام کي ووٽ ذريعي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو، هن مختلف علائقن ۾ گڏجاڻين کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن تي ڪيترائي خدشا آهن جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن اڳوڻي حڪومتن جي ڌر بڻجي رهي آهي، اليڪشن ۾ اڳوڻن حڪمرانن کي سرڪاري مشينري جو غيرقانوني استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي پيو جنهن جو فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي خدشن کي روڪي سگهجي ، اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊن کي لازمي بنائڻ لاءِ چونڊن جي ملتوي ڪرڻ ، تاريخ ۾ واڌ ڪرڻ جي ڪنهن به سياسي پارٽي جي مطالبي کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي، مقرر وقت تي چونڊون نه ٿيڻ سان جمهوري عمل متاثر ٿيندو ، جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن چونڊن جي مقرر وقت تي جاري ڪيل شيڊول تحت چونڊن کي شفاف بنائڻ ۾ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪري ، ملڪ جي بهتري لاءِ چونڊ مرحلي کان علاوه ٻي ڪنهن به آپشن تي عمل نه ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ، مگسي هائوس تي پھچي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ موجودھ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان گڏ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ٿيون. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو تھ گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي سنڌ کي سنوارڻ جي بدران تباھھ ۽ برباد ڪيو آهي، سنڌ کي قدرت سمورين نعمتن سان مالامال ڪيو آهي، تيل ۽ گئس سميت هر معدنيات سنڌ مان ملي ٿي، پر سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلو کائڻ جي لاءِ پريشان آهن، ٻي پاسي ڌارين جي آبادڪاري ۽ زمينن تي والار جاري آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي مڪمل سهولتڪار بڻيل آهي. ان موقعي تي (ن) ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ڳالهائيندي چيو تھ مسلم ليگ(ن) ماضي جي تجربن مان گھڻو سکيو آهي، نواز شريف جلد ئي سنڌ جو دورو ڪندو ۽ سنڌ جي اھم مسئلن کي مسلم ليگ(ن) حڪومت ۾ اچي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.