ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ هڪ هزار رپين جي نوٽ جي سڃاڻپ لاءِ وڊيو جاري ڪئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هزار رپين جي نوٽ جي سڃاڻپ سولي آهي. هڪ هزار جو نوٽ مخصوص ڪاغذ سان ٺهيل هوندو آهي، نوٽ جي سامهون قائد اعظم جي تصوير جو واٽر مارڪ ڏسي سگهجي ٿو.
تصوير جي هيٺان هڪ هزار رپين جو واٽر مارڪ به آهي.
حفاظتي ڌاڳو آر پار ڏسڻ تي نظر اچي رهيو آهي، ان تي نوٽ تي ماليت به هوندي آهي، مٿي نوٽ جي ماليت ٽڪرن ۾ نظر ايندي آهي. هڪ هزار جي نوٽ جي سامهون ساڄي پاسي رنگ تبديل ڪندڙ جهنڊو به آهي.
1000 روپے کے نوٹ کو پہچاننا ہے بہت آسان۔ وہ کیسے؟ جاننے کے لئے دیکھیےhttps://t.co/5rrja5k4fd#SBP #RupayKoPehchano #PKR
— SBP (@StateBank_Pak) January 4, 2024