ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ سال جو سڀ کان ٿڌو ڏينهن هو ۽ رات به ٿڌي ٿيندي.
صبح سان سڄي سنڌ ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو جڏهن ته ڪراچي ۾ سال جو ٿڌو ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي اڄ برسات جي به اڳڪٿي ڪئي هئي پر برسات نه پئي.
ٻئي پاسي ڪوهيڙو برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ ڪوهيڙي جا اثر گهٽ آهن پر ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب سيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ جو امڪان آهي.