ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آملا جو جوس وٽامن سي سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو مدافعتي قوت وڌائي ٿو.
آملا جو جوس خالي پيٽ پيئڻ سان هاضمو بهتر ٿئي ٿو ۽ قبض ۽ بدهشمي به گهٽجي ٿي.
آملا جو جوس قدرتي طور تي ڊيٽاڪسيفاءِ جو ڪم ڪري ٿو، هي جسم مان زهريلن مادن کي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ جگر جي صحت کي هٿي ڏئي ٿو.
هي جوس معدي جي تيزابيت کي بي اثر ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ايسڊ ريفليڪس ۽ سيني جي ساڙي کي گهٽ ڪري ٿو.
آملا جا اينٽي آڪسيڊنٽس کل جي صحت کي بهتر بڻائيندا آهن، داغن کي گهٽ ڪري کل کي چمڪدار بڻائيندا آهن.
آملا وارن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ وار ڇڻڻ کان روڪي ٿو ۽ چمڪدار بڻائي ٿو، آملا جو جوس رت ۾ شگر جي سطح کي منظرم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ هي شگر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي.
آملا ۾ فائبر جو مواد هوندو آهي، هي وزن جي انتظام ۽ صحتمند ميٽابولزم ۾ مدد ڪري ٿو.