اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي شروعات تي ٽيلي ڪام ڪمپنين سم ڪارڊز بند ڪرڻ تي فيس لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سان ڳالهين بعد سم بند ڪرائڻ تي چارجز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ اعلان ڪيو ويو هو ته چارجز پهرين جنوري 2024 کان لاڳو ڪيا ويندا.
ڪمپنين طرفان سم بند ڪرائڻ تي 200 رپين تائين چارجز لاڳو ڪيا ويا آهن.
هاڻي جيڪو واهپيدار پنهنجي واڌو سم بند ڪرائيندو ان کي 200 رپيا ڏيڻا پوندا.