”اليڪشن ڪجهه ڏينهن ملتوي ٿئي ته ڪا ڳالهه ناهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ۾ وڃڻ چاهيون ٿا پر ماحول به هجڻ گهرجي، اهڙين حالتن ۾ اسان نٿا سمهون ته اليڪشن ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اليڪشن ڪجهه ڏينهن ملتوي ٿي وڃي ته ڪا ڳالهه ناهي.

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف جا نامزدگي ڪاغذ ئي رد ناهن ٿيا، اختر مينگل جا به ٿيا آهن.

مولانا فضل الرحمان پاڻ مٿان حملي بابت چيو ته مان گهر هيس، واقعي ۾ گاڏين کي گوليون لڳيون آهن، فائرنگ جو واقعو امن امان بابت سوال اٿاري رهيو آهي، اسان نٿا سمجهون ته اهڙين حالتن ۾ اليڪشن ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته اسان هنن حالتن ۾ ڪيئن اليڪشن مهم هلائي سگهنداسين، جيڪڏهن حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته اليڪشن ڪجهه ڏينهن ملتوي ٿي به وڃن ته ڪا ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.