ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪس گروپ جي سمورن عهديدارن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
صدر جي عهدي تي سعيد سربازي، نائب صدر جي عهدي تي رشيد ميمڻ ۽ سيڪريٽري جي عهدي تي شعيب احمد ڪامياب ٿي ويا آهن.
اڄ پريس ڪلب جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ڊيموڪريٽڪس، انڊپينڊنٽ پئنل ۽ جرنلسٽ پئنل جي اميدوارن حصو ورتو، ڪُل ووٽ 900 کان وڌيڪ پيا.
چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪس پئنل جي سعيد سربازي 845 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، سندس مقابلي ۾ اميدوار آفتاب حسين 110 ووٽ کنيا.
سيڪريٽري جي عهدي تي شعيب احمد 843 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ عارف خان 96 ووٽ کڻي سگهيو، نائب صدر جي عهدي تي رشيد ميمڻ 758 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ نعيم کوکر 168 ووٽ کڻي سگهيو.
اهڙي طرح جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي محمد منصف خان، خزانچي جي عهدي تي احتشام سعيد قريشي ڪامياب ٿي ويا.
گورننگ باڊي جي ميمبرن وارن عهدن تي پڻ سمورا ڊيموڪريٽڪس پئنل جا اميدوار کٽي ويا، جن ۾ نور محمد ڪلهوڙو، مونا صديقي، راڻا جاويد، شمس ڪيريو، شازيه حسن، شعيب احمد شامل آهن.
پريس ڪلب ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڊيموڪريٽڪس گروپ پاران جشن ملهايو ويو، مٺايون ورهايون ويون.
کٽيندڙ اميدوارن صحافين جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو ۽ چيو ته پريس ڪلب جي ميمبر صحافين جي لاءِ پريس ڪلب ۾ ڪلينڪ، ڊينٽل ڪلينڪ، وومين ڪامپليڪس قائم ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ منصوبا ڏنا ويندا.
You might also like