لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جا لاهور ۽ ميانوالي مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.
ن ليگ اڳواڻ ميان نصير لاهور جي تڪ اين اي 122 تان عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيو هو.
ميان نصير جو اعتراض هو ته پي ٽي آءِ باني جي حمايت ڪندڙ ان تڪ مان ناهي ۽ هو توشا خانا ڪيس ۾ نااهل به آهي، تنهن ڪري چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.
آر او گذريل ڏينهن نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌائيندي هن چيو ته عمران خان سزا يافتا آهي.
هوڏانهن اين اي 89 ميانوالي مان به عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.
پي ٽي آءِ باني جي نامزدگي ڪاغذن تي خرم روکڙي ۽ خليل الرحمان اعتراض ڪيو هو.
آر او گذريل ڏينهن نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.
You might also like