پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ بيٽ جي نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ 3 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 رڪني بئنچ جي سربراهي ڪندو، اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي 2 جنوري 2024 ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.