اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي اختيار تي حملي جهڙو آهي، تارازي کي هڪ لاڏلي ڏانهن جهڪايو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ پارٽي عهديدارن ۽ شموليت ڪندڙن سان گفتگو ڪندي شهباز شريف چيو ته اليڪشن ڪميشن بيٽ جي نشان جي حوالي سان حقيقت تي ٻڌل فيصلو ڏنو، پشاور هاءِ ڪورٽ ان تي منع نامو جاري ڪري اليڪشن ڪميشن جي اختيار تي حملو ڪيو.
هن چيو ته تارازي کي هڪ لاڏلي ڏانهن جهڪايو پيو وڃي، فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ لاڏلي کي سپريم ڪورٽ ۾ ”گڊ ٽو سي يو“ چيو ويو، لاڏلي ذريعي ملڪ جي تباهي ڪئي وئي ۽ هاڻ وري اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي عدالتي فيصلن تي ڀرپور طريقي سان آواز اٿارڻ گهرجي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ عوام ن ليگ تي اعتماد ڪيو آهي، شموليت تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو، چونڊن لاءِ تيار آهيون.
You might also like